ڪورونا وبا جو زور وڌي رهيو آهي، ٻن هفتن لاءِ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند ڪئي وڃي: مراد علي شاهه

اسلام آباد:  سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا جي زور کي ٽوڙڻ لاءِ هڪ دفعو ٻيهر 2 هفتن جي لاءِ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ مڪمل بند ڪرڻ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي آهي.

اسلام اباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ڪورونا جي وبا تمام گهڻي خطرناڪ آهي مون ۾ اينٽي باڊيز آهي پر پوءِ به مان ڪورونا کان ڊنل آهيان. هن چيو ته اسان وٽ اٽي ۾ لوڻ جي برابر به ويڪسين ناهي لڳي. اسان نه ويڪسين لڳائي سگهياسين ۽ نه ئي گهرائي سگهياسين. هن چيو ته لاڪ ڊائون ڪريو يا نه ڪريو، سمارٽ لاڪ ڊائون، مائيڪرو لاڪ ڊائون سان ڪجهه ناهي ٿيندو. گهٽ ۾ گهٽ ٻن هفتن جي لاءِ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند ڪريو. ڪورونا بابت سنڌ حڪومت  جي کنيل قدمن کي اڳ به سڀني فالو ڪيو. اسان کي لاڪ ڊائون ڪري ڪورونا وبا جو زور ٽوڙڻو پوندو.

سنڌ جي وڏي ان موقعي تي چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت جي لاڪ ڊائون جو مذاق اڏايو. وفاق چوي ٿو ته معيشت بچائڻي آهي. حالانڪه اسان جي معيشت سڀني کان ڪمزور آهي. معيشت جي تباهي سبب ئي وزير کي هٽائڻو پيو. جڏهن ته سنڌ حڪومت جي ڪورونا پاليسين سبب سموري ملڪ کي فائدو ٿيو. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪورونا بابت اجلاس اڄ ٿيندو جنهن ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير به شرڪت ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔