مريم نواز جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو: ڊاڪٽر عدنان لنڊن کان لاهور پهچي ويو

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز جي طبيعت  خراب هجڻ سبب شريف خاندان جو ذاتي چيف معالج ڊاڪٽر عدنان لنڊن کان لاهور پهچي ويو آهي.

ڊاڪٽر عدنان مريم نواز جي علاج لاءِ لاهور پهتو آهي. نوازشريف جي خصوصي هدايتن تي ڊاڪٽر عدنان مريم نواز جو چيڪ اپ ڪندو. ڊاڪٽر عدنان نوازشريف جو ذاتي معالج به آهي. ذريعن موجب ڊاڪٽر عدنان جي هدايتن تي مريم نواز جا مختلف ٽيسٽ به ورتا ويا آهن. مريم نواز جي ٽيسٽ رپورٽن کان پوءِ آئنده جي علاج جو طريقيڪار واضح ڪيو ويندو.

ليگي اڳواڻ جو گلو هڪ هفتي کان خراب هو ان جو ڪورونا وائرس ٽيست به ڪرايو ويو هو جنهن جي رپورٽ ناڪاري آئي هئي. ذريعن موجب مريم نواز 3  ڏينهن کان سموريون سياسي ۽ خانداني سرگرميون ختم ڪري رائيونڊ ۾ آرام ڪري رهي آهي.

ليگي اڳواڻ  کي تهائي رائيڊ جي بيماري به آهي. ڊاڪٽرن مريم نواز کي تهائي رائيڊ جي آپريشن جي به تجويز ڏني آهي. ڊاڪٽر عدنان مريم نواز جي طبي رپورٽن جي روشني ۾ علاج تجويز ڪندو. ڊاڪٽر عدنان مريم نواز جو تفصيلي چيڪ اپ کان پوءِ نواز شريف کي آگاهي ڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔