هواوي به وائرليس چارجنگ ٽيڪنالاجي آڻڻ جي تياري ڪري ورتي

بيجنگ: وائرليس چارجنگ سسٽم جديد ترين ٽيڪنالاجي طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي ۽ ڪيتريون ئي ٽيڪنالاجي ڪمپنيون ان تي ڪم ڪري رهيون آهن.چيني ٽيڪنالاجي فرم هواوي هڪ ڊگهي رينج ٽرانسميشن وارو وائرليس چارجنگ سسٽم متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪري ورتي آهي جنهن جي لاءِ ڪمپني سيمپل به فائل ڪيو آهي. هن وائرليس ٽيڪنالاجي جي لاءِ ٻن اهڙن ڪوائل جي ضرورت پوندي جنهن کي هڪ ٻئي جي ابتڙ رکي سگهجي ۽ ان جو فاصلو ٽرانسميشن پاور جي انتهائي ويجهو هجي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هن ٽيڪنالاجي جي ذريعي هواوي چارجنگ فاصلي ۾ اضافو ڪري سگهي ٿو جيڪو خاص طور تي پاتل ڊيوائسز مثال جي طور تي اسمارٽ بريسليٽ ۽ واچز جي لاءِ بهتر ثابت ٿيندو. ياد رهي ته تازو ئي هواوي اعلان ڪيو آهي ته هو موبائل فون ٺاهيندڙ ڪمپنيز سان فائيو جي ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ جو معاوضو وصول ڪندو.واضح رهي ته گذريل سال چين جي مشهور ترين ٽيڪنالاجي ڪمپني شياومي به 40 واٽ جي تيز ترين رفتار سان چارج ڪندڙ وائرليس چارجر متعارف ڪرائي چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔