اسلام آباد : پاڪستاني حڪومت چين کان ڪورونا وئڪسين جي پهرين خريداري ڪري ورتي،
معاهدي تحت سائينو فارم جَي 5 لک ڊوز جي پهرين کيپ اڄ پاڪستان پهچندي، حڪومت جون چيني ڪمپني ڪين سائينو بائيو سان به وئڪسين جي خريداري لاءِ ڳالهيون جاري آهن.
پاڪستان ۾ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز ۽ بزرگ شهرين کي سائينو فارم وئڪسين ڏني پئي وڃي.