سنڌ ڪابينا ڪورونا وئڪسين لاءِ نجي اسپتالن ۽ ليبز کي انگيج ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي : سنڌ ڪابينا ڪورونا وئڪسين لاءِ نجي اسپتالن ۽ ليبز کي انگيج ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي،

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ صحت کاتي پاران چيو ويو ته هيلٿ کاتي کي هيل تائين وئڪسين جا 2 لک 41 هزار ڊوز ملي چڪا آهن،

اجلاس ۾ سنڌ هيلٿ ڪميشن کي وئڪسين جي اگهن کي ڪنٽرول رکڻ جي هدايت ڪئي وئي، سنڌ ڪابينا زڪوات کاتي جي انتظاميا لاءِ 21 هزار سي سي ڪارون خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي،

زڪوات کاتي کي پُراڻيون گاڏيون ايس اينڊ جي اي ڊي کاتي کي واپس ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي ، اجلاس ۾ امن هيلٿ ڪيئر سروس کي 300 ملين گرانٽ ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي،

سنڌ ڪابينا روٽ پرمٽ فيس تي نظرثاني جي منظوري ڏئي ڇڏي، نَيُن گُڊز گاڏين جي ساليانو روٽ پرمٽ فيس 24 سئو رپيا هوندي، ٽرڪ ۽ ٽرالين جي روٽ پرمٽ فيس 2 هزار رُپيا مقرر ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔