اسلام آباد: پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي صنعت کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ هڪ وڏي اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي مارگله هيوي انڊسٽريز ۽ جولٽا اليڪٽرڪ جي وچ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي تياري لاءِ گڏيل منصوبي تي صحيحون ڪيون ويون.
معاهدي تي جولٽا اليڪٽرڪ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد امجد ۽ مارگله هيوي انڊسٽريز جي سي اي او احسن نديم صحيحون ڪيون. انهي موقعي تي جولنا اليڪٽرڪ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر شاهزيب امجد ۽ ٻيون اختياريون به موجود هيون.
گڏيل منصوبي جي تحت اليڪٽرڪ گاڏيون سموري پاڪستان جي سرڪاري ادارن، ڪارپوريٽ سيڪٽر ۽ نجي صارفين کي فراهم ڪيون وينديون. منصوبي ۾ جديد (سواپيبل بيٽري ايڪو سسٽم)جي ترقي تي به ڪم ڪيو ويندو. ٻن ۽ ٽن ويلر اليڪٽرڪ گاڏين کان پوءِ اهو گڏيل منصوبو 4 ويلر اليڪٽرڪ گاڏين جي تيارين جي به شروعات ڪندو.
تبصرے بند ہیں۔