ٽيسٽ جو چوٿون ڏينهن، پاڪستان ٻي اننگز ۾ بيٽنگ جاري

سلهٽ : سلهٽ ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن، پاڪستاني ٽيم پنهنجي ٻئي اننگز ۾ بيٽنگ ڪري رهي آهي.

بنگلاديش پاران ڏنل 437 رنسن جي هدف جي پيروي ڪندي، پاڪستان جي پهرين وڪيٽ 27 رنسن تي ڪري پئي، عبدالله فضل 6 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ پويلين واپس موٽي ويو.

بنگلاديش خلاف ٻي اننگز ۾ پاڪستان جي ٻي وڪيٽ 41 رنسن تي ڪري پئي، جنهن ۾ اذان اويس 21 رنسن تي آئوٽ ٿيو.
ياد رهي ته پاڪستان ٽيم بنگلاديش خلاف پهرين اننگز ۾ 232 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي هئي.
ميچ جي پهرين ڏينهن بنگلاديش جي ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 278 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، جڏهن ته ميزبان ٽيم ٻي اننگز ۾ 390 رنسون ٺاهيون .

تبصرے بند ہیں۔