تامل فلم پروڊيوسر ڪي راجن خودڪشي ڪري ڇڏي

ممبئي : هندستاني تامل فلم انڊسٽري جي مشهور پروڊيوسر ڪي. راجن 85 سالن جي عمر ۾ چنائي ۾ اديار نديءَ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي.رپورٽن موجب، ڪي. راجن جي موت جي تصديق ٿي چڪي آهي، واقعي جي جاچ جاري آهي جڏهن ته پوليس وڌيڪ تفصيل گڏ ڪري رهي آهي.ڪي. راجن تازن سالن ۾ فلمي پروگرامن ۾ پنهنجي جرئتمند ۽ تڪراري بيانن لاءِ مشهور هو، ۽ جيئن ئي سندس موت جي خبر سامهون آئي، تامل فلم انڊسٽري ۾ غم جي لهر پکڙجي وئي.اداڪاره خوشبو سندر سندس موت تي سوشل ميڊيا تي پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ڪي. راجن هڪ باوقار شخصيت هئي جنهن هميشه بي خوف ٿي سچ ڳالهايو.ڪي. راجن 1983 ۾ تامل فلمن سان هڪ پروڊيوسر جي حيثيت سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. هن 1991 ۾ فلم ناما اورو مارياما جي هدايتڪاري پڻ ڪئي.

تبصرے بند ہیں۔