اسلام آباد: وفاقي سرڪار عيدالاضحيٰ جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪابينه ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب عيدالاضحيٰ جون موڪلون 26، 27 ۽ 28 مئي تائين هونديون.
وزيراعظم جي منظوري سان ڪابينه ڊويزن عيدالاضحيٰ جي موڪلن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب عيدالاضحيٰ تي اڱارو، اربع ۽ خميس 26 کان 28 مئي تائين موڪلون هونديون
ياد رهي ته سموري ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ اربع 27 مئي تي ملهائي ويندي جڏهن ته اڱارو 26 مئي تي يوم عرفه جو هوندو. يوم عرفه تي روزو رکڻ جو اهتمام به ڪيو ويندو آهي.
تبصرے بند ہیں۔