ڍاڪا: بنگلاديش سلهٽ ٽيسٽ ۾ شڪست ڏئي پاڪستان کي وائٽ واش ڪري ڇڏيو. پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ سلهٽ جي هنڌ تي جاري ٻئي ٽيسٽ ميچ جي آخري ڏينهن بنگلاديش کي کٽڻ جي لاءِ 3 وڪيٽن جي ضرورت هئي جڏهن ته پاڪستان کي کٽڻ جي لاءِ 121 رنسن جي ضرورت هئي.
ٽيسٽ ميچ جي پنجين ڏينهن پاڪستاني ٽيم 437 رنسن جي حدف جي تعاقب ۾ 359 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، اهڙي طرح بنگلاديش قومي ٽيم کي 78 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
بنگلاديش ٽيسٽ ٽيم تاريخ لکندي پاڪستاني ٽيم کي ٻنهي ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ڪلين سوئپ ڪري ڇڏيو. مهمان ٽيم پاڪستان کي پهرين ٽيسٽ ۾ ڍاڪا جي هنڌ تي 104 رنسون جڏهن ته ٻئي ۽ آخري ٽيسٽ ۾ 78 رنسن تان شڪست کي منهن ڏيڻو پيو.
تبصرے بند ہیں۔