سپريم ڪورٽ ڊسڪا جي ننڍي چونڊ کي ڪالعدم قرارڏيڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي فيصل کي معطل ڪرڻ واري پي ٽي آءِ جي استدعا رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ ڊسڪه جي ننڍي چونڊ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي فيصل کي معطل ڪرڻ واري پي ٽي آءِ جي استدعا رد ڪري ڇڏي، سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عمر عطا بنديا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پنجاب جي تڪ اين اي 75 ڊسڪه ۾ ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جي حوالي سان ٻڌڻي ٿي،

ٻڌڻي دوران جسٽس عمر عطا بنديا ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو آهي، اسان ڪيس ٻڌنداسين پر چونڊون به ضرور ٿينديون، معزز جج چيو ته اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته تڪ ۾ ٻيهر اليڪشن ٿئي يا صرف ان پولنگ اسٽينز تي ڪرايا وڃن جتي بدنظمي جون شڪايتون آيون آهن،

اسان اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل نٿا ڪري سگهون، عدالت چيو ته اسان ٻئي طرف موقف ڄاڻڻ کانسواءِ فيصلو نٿا ڏئي سگهون، ان جي ڪري اميدوار تياري مڪمل ڪن ۽ ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جلد فيصلو ڏيندي، بعد ۾ عدالت تحريڪ انصاف جي وڪيل جي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي،

واضح رهي ته اليڪشن ڪمينشن اين اي 75 ڊسڪه جي اليڪشن کي بد نظمي جي بنياد تي ڪالعدم قرار ڏيندي 10 اپريل تي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن جي خلاف پي ٽي آءِ اميدوار اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي عدالت ۾ چيلينج ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔