ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ اضافي چارج رکندڙ۽ او پي ايس تي مقرر آفيسرز کي هٽائڻ جو حڪم ڏيندي طلب ڪري ورتي

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ اضافي چارج رکندڙ ۽ او پي ايس تي مقرر آفيسرز کي هٽائڻ جو حڪم ڏيندي هڪ هفتي ۾ عملدرآمد رپورٽ طلب ڪري ورتي،

عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته اسان کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪرائڻو آهي، حڪم تي عملدرآمد نه ٿيو ته چيف سيڪريٽري کي طلب ڪنداسين،

جسٽس شفيع صديقي سنڌ حڪومت جي وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته توھان پنھنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آھي ته 6,6 سالن کان آفيسر اضافي چارجز ۽ او پي ايس تي مقرر ٿيل آھن،

جيڪڏهن ته ھي توھان جي ڪمپلائينس رپورٽ آھي ته پوءِ ڀڃڪڙي ڇا ھوندي، جسٽس شفيع صديقي چيو ته ڪنھن 17 گريڊ جي آفيسر کي 20 گريڊ ۾ ته ڪنھن کي 21 گريڊ ۾ او پي ايس تي مقرر ڪيو ويو آھي،

توھان ايڪٽنگ چارج ان کي ڏئي سگھو ٿا جيڪو پروموشن جي ويجھو ھجي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏھن سنڌ حڪومت عدالتي حڪمن تي عمل ڪري ھا ته ڪو به آفيسر او پي ايس تي نظر نه اچي ھا، ان تي اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته ڪو اھل ماڻھو نه ملندو آھي ان ڪري اضافي چارجز ۽ او پي ايس جي چارج ڏني ويندي آھي،

عدالت چيو ته  ڪو آفيسر منظور نظر ھجي ته ان کان علاوه ڪو اھل آفيسر توھان کي نظر ئي نه ايندو آهي. واضح رهي ته عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ مختلف کاتن ۾ 825 آفيسرز کي 2-2 عهدا ملڻ جو انڪشاف ٿيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔