لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز گل تي حملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

لاهور: (اڱارو 16 مارچ 2021ع) لاهور هاءِ ڪورٽ وزيراعظم جي صلاحڪار شهباز گل تي حملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ملڪ شهزاد احمد سي سي ٽي وي فوٽيج سان حملي اورن جي سڃاڻپ ڪري ذميوارن جي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ ۾ ايندڙ هر شخص قابل احترام آهي ۽ شهباز گل تي  مس ۽ بيضا اڇلڻ جي واقعي تي ڳڻتي آهي. هن چيو ته سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد سان ذميوارن جي سڃاڻپ ڪئي ويندي ۽ پوليس ڪنهن بي گناهه سان زيادتي نه ڪري. 

ياد رهي ته گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي شهباز گل تي بيضا ۽ مس اڇلي وئي هئي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن بيضا اڇليندڙ شخص تي تشدد به ڪيو. شهباز گل چيو ته اها غنڊه گردي آهي ۽ پنهنجي ڪرتوتن جي مس مون تي اڇلي رهيا آهن.

Advertisement

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔