حڪومت فارين فنڊنگ ڪيس جي فيصلي کان ڊنل آهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت فارين فنڊنگ ڪيس جي فيصلي کان ڊنل آهي.

مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته قومي احتساب بيورو(نيب) ڪهڙي قسم جي ذميواري سنڀالي ورتي آهي. هو ته حڪومت جي هٿن ۾ ڪٺ پتلي بڻيل اهي وفاقي ڪابينه اليڪشن ڪميشن تي حملي آور ٿي ۽ پنهنجي شڪست کي مڃڻ بجاءِ اليڪشن ڪميشن کي نشانو بنايو.

هن چيو ته حڪومت اليڪشن ڪميشن تي ناڻي واري وزير جو بار وجهڻ چاهي ٿي. هي تاريخ جو انوکو واقعو آهي پر هاڻ هر ڏينهن انوکا واقعا ٿيندا آهن. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ چيو ته حڪومت ته فارين فنڊنگ ڪيس جي فيصلي کان به ڊنل آهي ڇو ته کيس خبر آهي ته فيصلو اڄ اچي ويو ته حڪومت هڪ ڏينهن به نه بيهندي.

حڪومت کي خبر آهي ته فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ان جي خلاف ايندو. هن چيو ته حڪومت 20 پرزائيڊنگ آفيسرن کي ووٽن سميت کڻائي ڇڏيو. جڏهن ته ايوان ۾ ووٽ وجهندڙن جي نشاندهي کان آگاهي وٺڻ جي لاءِ ڪيمرا لڳايا ويا. جتي 100 ووٽرز هجن اتي به ڪيمرا  لڳندا آهن.

شاهد خاقان عباسي چيو ته هاڻ عدالتن جا چڪر لڳندا ۽ عدالتون فيصلو ڪنديون. جنهن شخص جي نگراني ۾ ڪيمرا لڳا اهو ڌانڌلي ذريعي ٻيهر چيئرمين چونڊجي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔