پي ڊي ايم جو اهم سربراهي اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي

اسلام آباد: حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ لانگ مارچ سان گڏ اسيمبليز تان استعيفيٰ ڏيون يا نه؟ پي ڊي ايم جو اهم سربراهي اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي،

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نواز ليگ سمجهي ٿي ته استعيفائن کان سواءِ مارچ ۽ ڌرڻي جا نتيجا نه ٿا ملي سگهن، حڪومت سينيٽ اليڪشن چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هاڻي عدالتن جا چڪر لڳندا ۽ع دالتون ئي فيصلو ڪنديون،

اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي هي هن چيو ته حڪومت حفيظ شيخ جي شڪست جو بار اليڪشن ڪميشن تي وجهڻ گهري ٿي، وفاقي ڪابينا شڪست تسليم ڪرڻ بدران اليڪشن ڪميشن تي حملو ڪيو،

پرڏيهي فنڊنگ ڪيس تي فيصلو آيو ته حڪومت هڪ ڏينهن به نه رهندي، جنهن ماڻهو جي نگراني ۾ سينيٽ اندر ڳُجهيون ڪئميراز لڳايون ويون،

اُهو ئي ڌانڌلي ذريعي ٻيهر چيئرمين ٿي ويو، ٻئي طرف پ پ اڳواڻ سليم مانڊوي والا چيو آهي ته پيپلز پارٽي چئي چڪي آهي ته پارليامينٽ جو فورم نه ڇڏڻ گهرجي،

پارليامينٽ جو فورم ڇڏڻ غلط هوندو، پ پ اڳواڻ سليم مانڊوي والا جو اسيمبليز تان استيعفائن بابت سوال جو جواب، سليم مانڊوي والا چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي پوزيشن سان حڪومت وائڙائپ جو شڪار ٿي وئي، اليڪشن ڪميشن کان استعيفيٰ جو مطالبو درست نه آهي، خبر ناهي ته مظفر شاهه يوسف رضا گيلاني جا 7 ووٽ ڇو رد ڪيا؟، اسلام آباد جي احتساب عدالت ڪڊني هلز ريفرنس ۾ سليم مانڊوي والا ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي ڪارروائي 8 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔