سنڌ پوليس پاران عرفان جتوئي کي ڄامشورو مان کنڀي سکر ۾ مقابلي ۾ مارڻ جو اعتراف

ڪراچي  : سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سکر پوليس جي مبينا مقابلي ۾ ماريل عرفان جتوئي جي گمشدگي بابت اپيل تي ٻڌڻي ٿي، عرفان جتوئي جي زال طرفان قتل  کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي وئي هئي، سنڌ پوليس پاران عرفان جتوئي کي ڄامشورو مان کنڀي سکر ۾ مقابلي ۾ مارڻ جو اعتراف ڪيو ويو، ايس ايڇ او شاهه لطيف ٽائون محمد علي شاهه رپورٽ عدالت  ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عرفان جتوئي جي خلاف مختلف ٿاڻن تي 28 ڪيسز داخل آهن، عرفان جتوئي ڄامشوري کان لاپتا ٿيو هو، عدالت پڇاڻو ڪيو ته پوليس مقابلو ڪاٿي ٿيو،؟ جنهن تي پوليس چيو ته عرفان جتوئي سان پوليس مقابلو جهانگڙو ٿاڻي جي حد ۾ ٿيو هو، جنهن معزز چيو ته پوليس مقابلي ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪا جاچ ٿي رهي آهي،؟ ان تي درخواستگذار چيو ته جعلي مقابلي ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪا به جاچ نه ٿي رهي آهي، عرفان جتوئي ضمانت تي هو، پر ان جي باوجود کيس حراست ۾ وٺي قتل ڪيو ويو،درخواستگذار جي وڪيل دستاويز به عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيا، عدالت پوليس کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي 7 اپريل تي جواب طلب ڪري ورتو….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔