امير ملڪن سبب ڪورونا وبا وڌيڪ ستن سالن تائين رهي سگهي ٿي: ماهر

جنيوا: عوامي صحت ۽ وبائي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن امير ملڪن ڪورونا ويڪسين تي پنهنجي اجاره داري ختم نه ڪئي ته ڪورونا 19 جي وباا يندڙ 7 سالن تائين سموري دنيا ۾ رهي سگهي ٿي.واضح رهي ته 4 مارچ 2021 تائين سڄي دنيا ۾ ڪورونا ويڪسين جون 26 ڪروڙ 36 لک خوراڪون ڏنيون ويون هيون پر هن صورتحال جو ڳڻتي جوڳو لمحو اهو آهي ته ان مان تقريبن 75 سيڪڙو خوراڪون صرف 10 امير ملڪن ۾ ڏنيون ويون آهن. جڏهن ته ڪيترائي غريب ملڪ اڃان تائين ڪورونا ويڪسين کان مڪمل محروم آهن جن جي گڏيل آبادي 205 ارب(اڍائي ارب) جي لڳ ڀڳ آهي.سبب اهو آهي ته ڪجهه امير ملڪن نه صرف پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ ڪورونا ويڪسين خريد ڪري چڪا آهن پر پنهنجي ملڪ ۾ ويڪسين تيار ڪندڙ ادارن کي پابند ڪري چڪا آهن ته هو حڪومتي اجازت کان سواءِ ڪورونا ويڪسين ڪنهن به ٻئي ملڪ کي وڪرو نه ڪن. مثال جي طور تي آمريڪي صحت کاتي(اين ايڇ ايس) ۽ فائزر بايو اين ٽيڪ ۾ طئي ٿيندڙ معاهدو اهڙي طرح ٺاهيو ويو آهي جو ان مان صرف آمريڪا ۽ فائزر کي فائدو پهچندو ڪنهن ٻئي کي نه.ان کان علاوه يورپ ۾ ڪورونا ويڪسين جي وڌندڙ گهرج کي نظر ۾ رکندي اٽلي به آسٽريليا جي لاءِ ڪورونا ويڪسين جي برآمد روڪي ڇڏي آهي. ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اهو رجحان رهيو ته عالمي وبا کي وڌيڪ خطرناڪ ۽ ڊگهو بنائي سگهي ٿو ۽ ڪورونا وبا وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔