ايران پنجن سالن کان قيد برطانوي عورت کي آزاد ڪري ڇڏيو

تهران: ايران 5 سالن کان قيد ايراني ڄائي برطانوي عورت نازنين زغاري ريٽڪلف کي آزاد ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب نازنين زغاري جي آزادي بعد هڪ ٻئي الزام ۾ سمن جاري ڪندي 14 مارچ تي طلب ڪري ڇڏيو.
نازنين زغاري کي 2016 ۾ رياست خلاف سرگرمين ۾ ملوث هجڻ تي گرفتار ڪيو ويو هو.
هن کي 4 سال قيد ۾ گذارڻ بعد گذريل سال مارچ ۾ گهر اندر نظربند ڪيو ويو هو.
گرفتاري وقت نازنين زغاري پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز ۾ ڪم ڪري رهي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔