پي ايس ايل جا بقايا ميچ جون ۾ ڪرائڻ جو امڪان

لاهور: پي سي بي سپرليگ جي 20 مقابلن لاءِ جون 2021 جي ونڊو ڪڍي ورتي آهي.
ذريعن موجب مقابلن لاءِ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي مضبوط وينيو آهي جڏهن ته جون ۾ پي ايس ايل ميچ ڪرائڻ جو مقصد آءِ پي ايل جي ختم ٿيڻ کانپوءِ رانديگرن جي موجودگي آهي.
پاڪستان سپرليگ ڪرائڻ لاءِ اڄ پي سي بي جي چيئرمين احسان ماني جي صدارت هيٺ اهم ورچوئل اجلاس ٿيو جنهن ۾ لاهور قلندر جي انتظاميا چيئرمين جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بائيو سيڪيورببل جي لاءِ پرڏيهي فرم جي خدمتن ۽ خرچن تي فرنچائيز کي چيئرمين اعتماد ۾ وٺندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔