فاطمه ثناء ”وومين ايمرجنگ ڪرڪيٽر آف دي ايئر“ جو ايوارڊ کٽي ورتو

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) فاطمه ثناء جي لاءِ ان ايوارڊ جو اعلان اڄ عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪيو ۽ بورڊ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر وسيم خان کيس ايوارڊ ڏنو.
ڪراچي ۾ پيدا ٿيندڙ 19 سالن جي فاطمه ثناء ساڄي سان بيٽنگ ۽ ميڊيم پيس بالنگ ڪندي آهي.
هن 6 مئي 2019 تي ڏکڻ آفريقا جي وومين ٽيم خلاف ميچ سان پنهنجو ڊيبو ڪيو جنهن کانپوءِ هوءَ 5 هڪ ڏينهن جا ۽ چار ٽي 20 ميچن ۾ قومي ٽيم جي نمائندگي ڪري چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔