ڀارت ۾ رخصتي وقت گهڻو روئڻ ڪري ڪنوار دل جو دورو پوڻ سبب فوت

نئين دهلي: ڀارت ۾ رخصتي وقت گهڻو روئڻ ڪري ڪنوار دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي.ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي رياست اوڊيشا جي علائقي سونپور ۾ شادي جي تقريب ۾ ڪنوار جي اوچتي فوتگي ڏک ۾ تبديل ٿي وئي. رخصتي وقت وڌيڪ روئڻ جي ڪري ڪنوار فوت ٿي وئي. جلندا ڳوٺ سان تعلق رکندڙ روزي ساهو جي شادي ضلعي بالاگير ۾ تيتل ڳوٺ جي بسيڪيسان نالي شخص سان ٿي هئي.شادي جي رسمن کان پوءِ جڏهن روزي ساهو جي گهر وارا کيس ساهون جي لاءِ رخصت ڪري رهيا هئا ته ڪنوار روئيندي روئيندي بيهوش ٿي ڪري پئي ۽ جڏهن ڪنوار کي اسپتال منتقل ڪيو ويو ته ڊاڪٽرن ان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. گهر ڀاتين جو چوڻ هو ته ڪنوار روزي جو والد ڪجهه مهينا اڳ ئي فوت ٿيو هو ۽ هو پنهنجي والد جي موت سبب صدمي ۾ هئي. شادي جا سمورا انتظام ڪنوار جي مامي ڪيا هئا.پوليس جو چوڻ آهي ته ڪنوار جي لاش کي پوسٽ مارٽم جي لاءِ منتقل ڪيو ويو آهي ۽ رپورٽ اچڻ کان پوءِ ئي معاملي جي جاچ کي اڳيان وڌايو ويندو. ٻئي طرف ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته ڪنوار جي موت دل جو دورو پوڻ سبب ٿي آهي. وڌيڪ روئڻ جي ڪري ڪنوار جي هڏڪي بند ٿي وئي هئي جنهن سبب کيس دل جو دورو پيو. ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن هڏڪي جو اثر دل تي به پوندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔