ڪورونا وبا هلندڙ سال به ختم نه ٿيندي!

جنيوا : صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته هلندڙ سال ڪورونا جي خاتمي جي اميد غير حقيقت پسند آهي.
ڊبليو ايڇ او جي ايمرجنسي ڊائريڪٽر مشائيل ريان موجب اهو ممڪن آهي ته هلندڙ سال ڪورونا سبب ماڻهن جي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جو انگ ۽ فوتگيون گهٽ ٿينديون پر وائرس موجود رهندو.
هن 6 هفتن تائين نئين انفيڪشنز جي انگ ۾ مسلسل گهٽتائي کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ جو به حوالو ڏنو ۽ چيو ته هلندڙ سال ڪورونا وبا جو خاتمو ممڪن نظر نه پيو اچي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔