جمائما جو ڪردار ڪندڙ اداڪاره جي بولڊ تصوير تي تنقيد

ڪراچي:عمران خان جي اڳوڻي زال جمائما جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪاره جي بولڊ تصوير تي تنقيد پئي ڪئي وڃي.
وزيراعظم عمران خان جي بائيوگرافي ”ڪپتان“ ۾ سندس اڳوڻي زال جمائمه جو ڪردار ادا ڪندڙ ڪشيمري ڄائي آمريڪي ماڊل ۽ اداڪاره سعيده امتياز فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پنهنجي بولڊ تصوير رکي ته صارفن ان کي ڀرپور تنقيد جو نشانو بڻايو.
اداڪاره پنهنجي تصوير سان ڪيپشن ۾ گاني جا ٻول شيئر ڪيا جيڪي ڪجهه هيئن آهن”نه هم روڪين نه تم روڪو…………پيار ڪي راه مين“.
سعيده امتياز 2018 ۾ ٺهندڙ جاويد شيخ جي فلم ”وجود“ ۾ به مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو، هوءَ ان کان علاوه 2017 ۾ ٺهندڙ فلم”راسته“ ۽ ”ري ڊرم“ ۾ به مرڪزي ڪردار ادا ڪري چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔