نائجيريا ۾ اغوا ڪيل شاگردياڻيون آزاد ٿي ويون

ابوجا: نائيجيريا ۾ اغوا ڪيل ڪيتريون ئي شاگرياڻيون اغوا ڪندڙن آزاد ڪري ڇڏيون.
برطانوي ميڊيا موجب گذريل هفتي هٿياربندن نائيجيريا جي ڏکڻ اولهه واري علائقي جي بورڊنگ اسڪول مان ڪيترين ئي شاگردياڻين کي اغوا ڪيو ويو هو ۽ جهنگ ۾ باندي بڻائي رکيو هو پر هاڻ اغوا ڪندڙن انهن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.
برطانوي ميڊيا ٻڌايو ته نائيجيريا جي رياستي گورنر شاگردياڻين جي رهائي جي تصديق ڪندي چيو ته شاگردياڻين جي رهائي تي خوشي آهي ۽ هو مڪمل طرح محفوظ آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب نائيجيريا جي عملدارن جو چوڻ آهي ته اغوا ڪندڙن پاران 279 شاگردياڻين کي اغوا ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس پاران شاگردياڻين جو انگ 317 ٻڌايو ويو هو جيڪو غلط آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔