افغانستان ۾ فائرنگ دوران ميڊيا جون ٽي عورتون اجل جو شڪار

ڪابل: افعانستان جي اوڀر واري حصي ۾ مختلف حملن ۾ مقامي ريڊيو ۽ ٽي وي اسٽيشن سان لاڳاپيل 3 عورتون مارجي ويون.
پرڏيهي خابرو ايجنسي اي پي موجب جلال آباد ۾ عينيڪاس ريڊيو اينڊ ٽي وي جي شڪرالله پسون چيو ته اکين ڏٺل شاهدن موجب هڪ عورت مرسل واحدي گهر واپس وڃي رهي هئي ته مٿس هٿياربندن حملو ڪيو.
هن چيو ته ٻين ٻن عورتن شهناز ۽ سعديه کي فائرنگ جي ٻئي واقعي ۾ نشانو بڻايو ويو.
فائرنگ جي ان واقعي ۾ ويجهو کان گذرندڙ 2 واٽهڙو به زخمي ٿي پيا.
شڪرالله پسون وڌيڪ چيو ته ٽئي عورتون ترڪي ۽ ڀارت جي ڪيترن ئي ڊرامن جي افغانستان جي مقامي ٻولين دري پشتون ۾ ڊبنگ ڪئي هئي.
ڪنهن به گروپ ان حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي البت ڊسمبر ۾ داعش سان لاڳاپيل دهشتگرد گروپ عينيڪاس جي ئي هڪ ملازم ملالا ميوند کي قتل ڪرڻ جي ذميواري قبول ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔