پي ايس ايل جو بائيو سيڪيورببل”ان سيڪيور“ ٿي ويو

ڪراچي: پي ايس ايل جو بائيو سيڪيورببل”ان سيڪيور“ ٿي ويو آهي، پي سي بي جي ڪمزور حڪمت عملي کي نون ڪورونا جي ڪيسن جو سبب ڄاڻايو پيو وڃي.
پشاور زلمي سان نرمي ڪري ٻين ٽيمن کي به قانون ٽوڙڻ جو رستو ڏيکاريو ويو، ڪجهه ڪرڪيٽرز جي فيمليز کي قرنطينه بغير جوائن ڪرڻ جي اجازت جو به انڪشاف ٿيو آهي، هوٽلن ۾ تقريبون به جاري آهن، ذريعن موجب موجوده حالتن ۾ ليگ ڪنهن خطري کان خالي ناهي، گذريل سال 4 پلي آف ميچز ۾ 12 ڪيس سامهون آيا هئا، هاڻ به انگ وڌي سگهي ٿو.
ٻئي طرف پي سي بي رات دير تائين اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪوئٽا گليڊي ايٽرز جا پي سي آر ٽيسٽ ڪرايا، سمورين ٽيمن کي هڪ ڏينهن تائين پنهنجي فلور ۾ رهڻ جو هدايتون ڏنيون ويون آهن، هر 4 ڏينهن بعد بائيو سيڪيور ببل ۾ موجود سمورن ماڻهن جا پي سي آر ٽيسٽ ٿيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔