والاريل ڪشمير ۾ اعليٰ ڀارتي فوجي آفيسر جو آپگهات

سري نگر: والاريل ڪشمير  ۾ ڀارتي فوج جي هڪ اعليٰ آفيسر پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب ڀارتي آرمي جي ليفٽيننٽ ڪرنل پنهنجي سروس رائيفل سان آرمي بيس خان  موه ڊپو  تي پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو .

 فائر جو آواز ٻڌي ڪجه فوجي واقعي واري هنڌ پهتا جتي هن جو رت گهڻو وهي چڪو هو .فوري طور تي ڪرنل کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪري ڇڏي ، سندس سڃاڻپ ليفٽيننٽ ڪرنل سوديپ ڀڳت سنگهه جي نالي سان ٿي آهي ، بعد ۾ واقعي جي جاچ لاءِ پوليس پارٽي اتي پهتي ۽ انهن ان حوالي سان شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪيون . پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي .

والاريل وادي ۾ مقرر فوجي ۽ پوليس آفيسرن ۾ آپگهات جو رجحان نهايت تيزي سان وڌندو پيو وڃي ، ٻڌايو پيو وڃي والاريل ڪشمير ۾ جنوري 2007 کان وٺي هن وقت تائين ڀارتي فوجين ۽ پوليس اهلڪارن جي آپگهات جا 491 واقعا ٿي چڪا آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔