ڪينسر کي شڪست ڏيندڙ ڇوڪري خلا ۾ وڃڻ لاءِ تيار

ٽيڪساس: ڪينسر کي شڪست ڏيندڙ ڇوڪري هاڻ خلا جو سفر ڪندي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ڪينسر کي شڪست ڏيندڙ باهمت ڇوڪري ارسينائو خانگي ڪمپني طرفان خلا جو سفر ڪندي جنهن کان پوءِ هو ننڍي عمر واري خلا نورد بڻجي ويندي.بيلي ارسينائو خانگي ڪمپني طرفان شهرين کي مخصوص انسپائريشن فور نالي منصوبي جي تحت خلا ۾ ويندا. 4 خلا نوردون ۾ ڪابه باقاعده تربيت يافته ايسٽرونات نه آهي. 20 ساله باهمت ڇوڪري آڪٽوبر 2021 ۾ شفٽ فور پيمنٽس جي سي اي او جيرڊ انرڪ سان گڏ خلا ۾ ويندي ۽ جيرڊ ان جا سمورا خرچ برداشت ڪندو.جيرڊ ان مشن کان اڳ پنهنجي اسپتال جي لاءِ 20 ڪروڙ ڊالر جي رقم جمع ڪرائڻ چاهي ٿي. بيلي ارسينائو جي ٽنگ به مصنوعي آهي ۽ هو خلا ۾ وڃڻ کان پوءِ مصنوعي ٽنگ وري پهرين خلانورد به بڻجي ويندي. ان جو جنون ٻڌائي ٿو ته ڪينسر کي شڪست ڏيندڙ مصنوعي ٽنگ سان گڏ به خلا جو سفر ڪري سگهجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔