هاڻ گوگل اوهان جي لاءِ ويب پيج پڙهي به ٻڌائي سگهي ٿو

لنڊن: شايد اوهان کي ياد هوندو ته ڪو هڪ سال اڳ گوگل اعلان ڪيو هو ته هاڻ اينڊرائٽ اوزارن جي لاءِ بطور اسستنٽ هڪ آپشن پيش ڪيو پيو وڃي. جنهن جي تحت گوگل نيوزيا ڪنهن به ويب پيج کي وڏي آواز ۾ ٻڌي سگهجي ٿو. پر هاڻ ان ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿي آهي. هاڻ اوهان پنهنجي فون کي پري رکي انگريزي جي ٽن مختلف لفظن ۾ ويب پيج ٻڌي سگهو ٿا.ان ۾ برطانوي، آسٽريلوي ۽ ڀارتي انگريزي جا لهجا شامل آهن. ايستائين جو هي 42 زبانن ۾ ترجمو به ڪري سگهي ٿو. پر هينئر تائين ان ۾ زباني پڙهڻ ۽ انگريزي لهجن جي گهٽتائي هئي جنهن کي پورو ڪيو ويو آهي. هاڻ اوهان ويڊ الائوڊ جي آپشن ۾ ڇهه مختلف آوازن مان هڪ چونڊ ڪري سگهو ٿا. ان مان مرد ۽ عورتن جون آوازون شامل آهن. جيڪي ڀارتي آسٽريلوي ۽ برطانوي لهجن ۾ خبرون ٻڌائيندا آهن.فيچر تائين پهچڻ جي لاءِ ڪروم يا ڪروم سان لاڳاپيل ڪنهن به برائوزر کي کوليو ۽ اسستنٽ کي آن ڪريو، هاڻ فون چئو. يا ريڊ ڊس چئو. ريڊ اٽ. اهو چوندي ئي هڪ نئون انٽرفيس پاپ اپ ۾ کلي ويندو جنهن جي وچ ۾ گهربل پيج هوندو ۽ هيٺ پلي بيڪ ڪنٽرول هوندو.اوهان مٿي کاٻي طرف ٽن نڪتن(ڊاٽ) وال اوورفلو بٽڻ کي ٽچ ڪريو ۽ ان ۾ ريڊ الائوڊ وائس جي چونڊ ڪريو. ان ئي جڳهه تان اوهان انگريزي جي مختلف لهجن(ايستنٽ) جي چونڊ ڪري سگهندو. جنهن ۾ ڇهه نيون آوازون شامل آهن. ان آوازن کي مصنوعي ذهانت سان ٺاهيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔