ڪڏهن به اداڪارا بڻجڻ نه پئي چاهيو: روينا ٽنڊن

ممبئي :بالي ووڊ اداڪارا روينا ٽنڊن چيو آهي ته مان ڪڏهن به اداڪارا بڻجڻ نه پئي چاهيو.
ٽيهه سال اڳ بالي ووڊ ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ اداڪارا روينا ٽنڊن ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته مان ڪڏهن به اداڪارا بڻجڻ نه پئي چاهيو ڇو جو آئون هڪ پر اعتماد ڇوڪري نه هيس.
هن چيو ته آئون جڏهن ننڍي هيس ته ننهن کائيندي هيس اسڪول ۾ بيڪ بينچر هيس، ماڻهو جڏهن مون ڏي ڏسندا هئا ته عجيب محسوس ڪندي هيس، ماڻهو سان منهن ڏيندي گھٻرائيندي هيس.
سندس چوڻ هو ته آئون اسڪول ۾ اداڪاري جي ڪجهه سرگرمين به حصو ورتو هو ۽ سدائين مرڪزي ڪردار مليو، جڏهن بالي ووڊ ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ته پروڊيوسر ۽ هدايتڪار منهنجي پيءُ کي چوندا هئا ته هيءَ ته گھر جي ڇوڪري آهي، هيءَ ته سولائيءَ سان پنهنجو ڪيريئر ٺاهي وٺندي.
اداڪارا چيو ته منهنجي پيءُ مون کي چيو ته جيڪو ڪرڻو اٿئي پنهنجي محنت سان ڪر ۽ آئون پنهنجي لگن ۽ مهارت جي ڪري ئي پنهنجو ڪيريئر بڻايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔