فائزر ڪورونا ويڪسين جو ڳورهاري عورتن تي ٽرائل شروع

واشنگٽن: آمريڪي دوا تيار ڪندڙ اداري فائزر ۽ جرمني جي ٽيڪنالاجي ڪمپني بائيو اين ٽيڪ پنهنجي تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين کي ڳورهاري عورتن ۾ ٽرائل شروع ڪري ڇڏيو آهي.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب سڄي دنيا ۾ ڪورونا ويڪسين جو ڳورهاري عورتن تي ٽرائل جو سڀني کان پهريان فائزر ۽ بائيو اين ٽيڪ شروعات ڪئي آهي اهو ٽرائل آمريڪا، ڪينيڊا، ارجنٽائن، برازيل، چلي، ڏکڻ آفريقا، برطانيه ۽ اسپين ۾ ٿيندو.فائبر ڪورونا ويڪسين ٽرائل سان تعلق رکندڙ 18 سالن کان وڏي عمر واريون 4 هزار اهي ڳورهاريون عورتون حصو وٺي رهيون آهن جنهن جو حمل 23 کان 34هين هفتي جي دوران آهي جڏهن ته پلاسييو گروپ ۾ شامل عورتن جي ٻارن جي پيدائش کان پوءِ ويڪسين فراهم ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔