ايران پنهنجو ايٽمي پروگرام جاچ ڪرائڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

تهران: ايران پنهنجي ايٽمي پروگرام جو معائنو ڪرائڻ لاءِ مشروط طور تي رضامند ٿي ويو.
عرب ميڊيا موجب گڏيل قومن جي ايٽمي پروگرام تي نظر رکندڙ اداري جي سربراهه ۽ ايراني حڪومت وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو آهي جنهن ۾ هو پنهنجي ايٽمي پروگرام جو معائنو ڪرائيندو.
عرب ميڊيا موجب ان معاهدي تحت ٽن مهينن تائين ايراني ايٽمي پروگرام جي جاچ پڙتال ۽ ايٽمي سرگرمين جي مانيٽرنگ ڪئي ويندي، جنهن ۾ ڪجهه شرط ايران به رکيا آهن ان ۾ فوٽو وٺڻ جي اجازت نه هوندي.
تهران کان واپسي تي صحافين سان ڳالهائيندي انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي (آءِ اي اي اي) جي سربراهه جو چوڻ هو ته ايراني عملدارن سان ڳالهين جا سٺا نتيجا نڪتا آهن، اهوئي مسئلي جو حل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔