صحيح وقت تي شادي ڪريان ها ته پوٽن ڏوهٽن وارو هجان ها: سلمان خان

ممبئي: ڀارت جي مشهور ريئلٽي شو بگ باس جي سيزن 14 جو گذريل رات شو نشر ڪيو ويو جنهن ۾ 6 سالن جي ٻار سلمان خان جي شادي شده هجڻ جي دعوا ڪئي، دعوا جي نتيجي ۾ اداڪار چيو ته جيڪڏهن آئون مناسب وقت تي شادي ڪريان ها ته اڄ تنهنجي عمر جا پوٽا ڏوهٽا هجن ها.
ريئلٽي شو جي ڊانس ديوانو ڪنٽيسٽنٽ سهيل خان جڏهن اسٽيج تي آيو ته سلمان خان ان کان نالو پڇيو 6 سالن جي ڇوڪري چيو ته آئون توهان جي ننڍي ڀاءُ سهيل خان جهڙو آهيان.
ياد رهي ته بالي ووڊ اداڪار سلمان خان هن وقت تائين زندگي جون 55 بهارون ڏسي چڪو آهي پر اڄ تائين فلم نگري جو ڪنوارو سپر اسٽار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔