افغان طالبان آمريڪي فوج جي نڪرڻ ۾ دير جو منصوبو رد ڪري ڇڏيو

ڪابل: افغان طالبان آمريڪي فوج جي نڪرڻ بابت نئين تجويز ڪيل منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو.
ان نئين پلان موجب امڪاني طور آمريڪي فوج جي واپسيءَ جي تاريخن ۾ واڌ ڪري سگهجي ٿي.
افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته اسان جا ويڙهاڪ ان واڌ تي قطعي طور اتفاق نه ڪندا.
واضح رهي ته دوحه ۾ امن معاهدي تحت واشنگٽن حڪومت کي هلندڙ سال پهرين مئي تائين افغانستان ۾ مقرر پنهنجا فوجي واپس گهرائڻا آهن.
سيڪيورٽي صورتحال ۽ طالبان سان امن ڊيل جي غير فعالي سبب ان منصوبي ۾ تبديلي جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔