گرل فرينڊ جي سالگره تي اٺ جو ٻچو چورائي تحفي ۾ ڏيندڙ شهري گرفتار

دبئي: ڇا اوهان ڪڏهن ڪنهن کي تحفي ۾ هڪ اٺ جو ٻچو ڏيڻ جي باري ۾ سوچيو آهي؟ اڄ اسان اوهان کي هڪ اهڙي ئي شهري جي باري ۾ ٻڌائينداسين جنهن پنهنجي گرل فرينڊ کي سالگره ۾ تحفي جي طور تي اٺ جو ٻچو چوري ڪري ڏنو.دبئي جي شهري پنهنجي گرل فرينڊ کي ان جي سالگره تي تحفو ڏين جي لاءِ هڪ اٺ جو ٻچو چورايو. اٺ جي ٻچي جي مالڪن دبئي پوليس ۾ شڪايت لکرائي ته اسان جي فارم مان اٺ جو ٻچو غائب ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ پوليس ان جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي.پوليس طرفان اٺ جي ٻچي جي ڳولا ڪئي وئي پر کين ناڪامي نصيب ٿي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اٺ جو ٻچو چوري ڪندڙ شخص هڪ ڊرامو ڪيو ڇو ته ان کان ۽ ان جي گرل فرينڊ کان اٺ جو ٻچو سنڀالجي نه پئي سگهيو. چور اڻچاڻ بڻجي پوليس کي فون ڪيو ۽ چيو ته مون کي فارم کان 3 ڪلو ميٽر پري هڪ اٺ جو ٻچو مليو آهي.پوليس جڏهن ان کان جاچ ڪئي ته شهي پنهنجي ڏوهه جو پاڻ ئي اعتراف ڪري ورتو ۽ چيو ته مون ئي اٺ چوري ڪيو هو ۽ ان کي پنهنجي گرل فرينڊ کي تحفي ۾ ڏنو هو. پر جڏهن اٺ جو ٻچو اسان ٻئي ڄڻا سنڀالي نه سگهياسين ته اسان ان ٻچي کي مالڪ تائين پهچائڻ جي لاءِ اهو ڊرامو ڪيو.پوليس مالڪ کي اٺ جو ٻچو موٽائي شهري ۽ ان جي گرل فرينڊ کي ڪوڙو بيان ڏيڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔