سنڌ ۾ ڪشميري پناهگيرن کي ترسائڻ وارين ڳالهين ۾ ڪابه حقيقت ناهي: وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪشميري پناهگيرن کي ترسائڻ وارين ڳالهين ۾ ڪابه حقيقت ناهي، وفاق طرفان هڪ ليٽر صوبن ڏانهن اُماڻيو ويو هو، اُن کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي ٿيو، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب جِي ڪڻڪ هوا ۾ نه اُڏامي وئي هئي، اُها ڪڻڪ اسمگل ٿيڻ سبب ملڪ اندر ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿيو، حيرت آهي جو وفاقي ڪابينا طرفان هڪ صوبي مٿان ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ جا الزام لڳايا پيا وڃن، وفاقي وزير وائڙائپ جو شڪار ٿي وڊيوز وائرل ڪندا آهن، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته آئين موجب سينيٽ چونڊون ڳجهي ووٽنگ ذريعي ٿينديون، سنڌ ۾ ڪابه هارس ٽريڊنگ نه پئي ٿئي، جِن ماڻهن کي شڪست نظر اچي ٿي، اُهي سنڌ ۾ هارس ٽريڊنگ جون ڳالهيون ڪن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔