ناليواري شاعر ، اديب ۽ دانشور فيض احمد فيض جو جنم ڏهاڙو

ناليواري شاعر ، اديب ۽ دانشور فيض احمد فيض جو اڄ جنم ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي ،فيض احمد فيض  13 فيبروري  1911 ع تي برٽش انڊيا جي شھر ناروال جي ڪالا قادر ڳوٺ ۾ ھڪ سيالڪوٽي گھراڻي ۾ جنم ورتو، وڏو ٿي اردو جو سڀ کان وڏو ترقي پسند شاعر بڻجي فيض احمد فيض جي نالي سان اردو شاعري جي آسمان تي چمڪيو. پاڻ پاڪستان اندر ترقي پسند تحريڪ جو روح ڦوڪيندڙ ڪميونسٽ خيالن وارو شاعر ھيو

سندس پيء ھڪ وڪيل ھيو جيڪو افغانستان جي بادشاھ امير امان اللہ خان جو چيف سيڪريٽري پڻ رھيو ، جنھن امان الله خان جي آتم ڪٿا پڻ لکي ھئي. فيض جي ماء جو نالو فاطمه ھيو. فيض شاعري لکڻ جي شروعات اسڪاچ مشن اسڪول، سيالڪوٽ ۾ ڏھين درجي ۾ پھچندي ڪئي.

ھن گريجوئيشن گورنمينٽ ڪاليج لاھور مان ڪئي ۽ ساڳي ڪاليج مان 1932 ۾ انگريزي ادب ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. 1935 ۾ محمدن اينگلو اورينٽل ڪاليج،امرتسر ۾ انگريزي ۽ برطانوي ادب جو ليڪچرار مقرر ٿيو.

فيض احمد فيض 1936 ۾ سجاد ظھير ۽ صاحبزرادي محمود الظفر سان ملي انجمن ترقي پسند مصنفين جو بنياد وڌو.1942 ۾ فوج ۾ ڪيپٽن جي حيثيت سان ملازم ٿيو ۽ ان جي مقرري عام تعلقاتن جي شعبي ۾ جنرل اڪبر خان رھي. پاڻ 1943 ۾ ميجر ۽ 1944 ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جي عھدي تي فائز رهيو.

 1947 ۾ استعفي ڏئي لاھور ۾ رھائش اختيار ڪندي پاڪستان ٽائيمز اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ۽ ساڳي سال سجاد ظھير، جلال الدين عبدالرحيم ۽ ٻين سان گڏجي پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽي جو بنياد وڌو. 1948 ۾ پاڪستان ۾ ٽريڊ يونين فيڊريشن جو نائب صدر چونڊيو ويو

1972 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کيس وزارت ثقافت ۽ تعليم ۾ صلاحڪار مقرر ڪيو. 1979 ۾ ملڪ ڇڏي بيروت ۾ رھائش اختيار ڪيائين پر 1982 ۾ لبنان ۾ خانہ جنگي جي ڪري واپس موٽي آيو. 1984 ۾ لاھور ۾ وفات ڪري ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔