جيڪي هتي آيا سمورا وڪيل هئا، گهڻن کي سڃاڻان ٿو: جسٽس اطهر من الله

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حملي بابت هڪ ڪيس ۾ جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته ان ڏينهن جيڪي هتي آيا هئا اهي سڀ وڪيل هئا ۽ انهن ۾ ڪوبه ٻاهريون ماڻهو نه هو جڏهن ته اڌ کان وڌيڪ کي مان سڃاڻان ٿو.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ هاءِ ڪورٽ حملي کان پوءِ وڪيلن جي گرفتاري ۽ هراسان ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته اوهان سڀني کي خبر آهي ته اهي ڪير هئا جنهن هتي حملو ڪيو. مان خط لکيو آهي هاڻ ريگوليٽر طرف ڏسي رهيو آهيان ته اهي ڇا ٿا ڪن. جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪي هتي آيا هئا اهي سڀ وڪيل هئا ۽ انهن مان ٻاهريون ڪوبه ماڻهو نه هو. اڌ کان وڌيڪ ماڻهن کي مان سڃاڻان ٿو. ٻنهي ٻار جي صدر کي چيو هو ته هتي اچن  پر هو هتي نه آيا جنهن تقريرون ڪيون، جنهن انهن کي حملي لاءِ ڀڙڪايو انهن جي نشاندهي بار ڪري.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته گذريل 70 سالن کان ڪورٽن ۾ ڪجهه به ناهي ٿيو  هن حڪومت ڪورٽن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو. هن حڪومت پي ايس ڊي پي کان ڪچهري منتقلي فنڊز جي منظوري ڏني. هاڻ ڪم شروع ٿيڻ وارو آهي. اسان ته قانون وارو رستو ئي وٺي سگهون ٿا. حڪومت ڊسٽرڪٽ ڪامپليڪس تي ڪم ڪري رهي هئي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ وڪيلن جا چيمبرز ڪيرائڻ خلاف مڇريل وڪيلن احتجاج ڪندي هاءِ ڪورٽ تي هلان ڪئي ۽ ان موقعي تي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به پنهنجي چيمبر ۾ محدود ٿي ويو هو. وڪيلن ان جي چيمبرز ٻاهران سخت نعريبازي ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔