چين هڪ ٻئي ڪورونا ويڪسين جي منظوري ڏئي ڇڏي

بيجنگ: چين ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ هڪ ٻئي ويڪسين جي عوامي سطح تي استعمال جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب چين جي ميڊيڪل ريگوليٽري اٿارٽي مقامي ڪمپني سائنوويڪ لائف سائنس جي تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين(ڪورونا ويڪ) جي به عوامي سطح تي استعمال جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ان کان اڳ ڪورونا ويڪ کي صرف هنگامي استعمال جي اجازت هئي. ڪورونا ويڪ جي ٽرائل انڊونيشيا، ترڪي، برازيل، چلي، ڪولمبيا، پيراگوئي ۽ لائوس ۾ ٿي جيڪا آخري مرحلن ۾ آهي ۽ ان جا بهتر نتيجا سامهون اچي رهيا آهن جنهن کان پوءِ ان ملڪن به ويڪسين جي هنگامي استعمال جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. سائنوويڪ جي ڪورونا ويڪسين کي چين ۾ ٽرائل جي ٻن مرحلن جي نتيجن مان ثابت ٿئي ٿو ته هي ويڪسين 60 سالن جي عمر تائين جي ماڻهن جي لاءِ محفوظ طريقي سان مدافعتي رد عمل کي جنم ڏئي ڇڏيندي آهي جڏهن ته 3 کان 17 سالن جي عمر جي ماڻهن جو ٽرائل جاري آهي پر 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن ۾ تحفظ جي شرح لاءِ انگ اکر محدود هئا.برازيل ۾ ٿيندڙ ٽرائل ۾ سائنوويڪ جي ڪورونا ويڪسين 50 سيڪڙو کان وڌيڪ بهتر رهي جڏهن ته ترڪي ۾ ٿيندڙ نتيجن ۾ اها 90 سيڪڙو بهتر ثابت ٿي. بيجنگ ۾ قائنو سائنوويڪ لائف سائنسز جي يونٽ فيبروري کان پوءِ هر سال 1 ارب کان وڌيڪ خوراڪون تيار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ چين ۾ سينوفارم ويڪسين جي اجازت ڏئي وئي آهي ۽ هٿياربند فوج کي ڪينسينوبائيولوجڪس جي ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي آهي. گڏيل طور تي چين ۾ 3 لک هڪ هزار ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔