ڀارت ۾ اوڻونجاهه ڪيسن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڪندڙ ڪتي جو مجسمو تيار

نئين دهلي: ڀارت ۾ هڪ اهڙي ذهين ۽ باصلاحيت ڪتي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ مجسمو تيار ڪيو ويو آهي جنهن 49 ڪيسن کي حل ڪرڻ ۽ جوابدارن کي پڪڙڻ ۾ مدد ڪئي هئي.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڀارتي رياست اترپرديش جي ضلعي مظفرنگر ۾ پوليس جي ڊاڪ اسڪواڊ ۾ شامل جرمن شيفرڊ ڪتي جو مجسمو لڳايو ويو آهي اهو مجسمو ڪتي کي ان جي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪيو ويو هو.ڪتي جي تازو ئي طبي پيچيدگين سبب موقت واقع ٿي وئي هئي. هن تربيت يافته ڪتي کي اي ايس پي جو اعزازي عهدو به ڏنو ويو هو. مجسمي جي رونمائي تقريب پوليس لائن ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ اعليءِ پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي.سينئر پوليس آفيسر اڀيشيڪ يادو پنهنجي ٽوئٽ ۾ لکيو ته 2014 ۾ مظفر نگر پوليس ۾ شامل ٿيندڙ هن تربيت يافته ڪتي 49 ڪيسز کي حل ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔