”ٽيلي گرام“ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ٿيندڙ ايپ بڻجي وئي

لنڊن:گذريل ڏينهن واٽس ايپ جي نئين پرائيويسي پاليسي سامهون آئي هئي جنهن کانپوءِ واهپيدارن پاران واٽس ايپ ڊيليٽ ڪري ان جي متبادل ايپس جو استعمال ڪرڻ شروع ڪيو هو.
هاڻ تازو ئي موبائل ايپ جي درجابندي ڪندڙ ڪمپني سينسرٽاور پاران تازي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن موجب گذريل مهيني يعني جنوري ۾ موبائل چيٽ ايپلي ڪيشن ٽيلي گرام دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ٿيندڙ ايپ بڻجي وئي آهي.
رپورٽ موجب جنوري 2021 ۾ ٽيلي گرام پوري دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ٿيندڙ ايپ بڻجي وئي آهي جنهن کي 63 ملين واهپيدارن ڊائون لوڊ ڪيو.
جيڪڏهن ڊائون لوڊنگ ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ڪجي ته هن سال ان ۾ 3.8 اضافو ڏسڻ ۾ ايندو.
ٻئي طرف جنوري 2021 ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ٿيندڙ ايپس ۾ ٻئين نمبر تي ٽڪ ٽاڪ، ٽئين نمبر تي سگنل ايپ، چوٿين نمبر تي فيس بڪ ۽ پنجين نمبر تي واٽس ايپ آئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔