هالي ووڊ اداڪاره جنيفر لارينس شوٽنگ دوران زخمي

نيويارڪ:بالي ووڊ جي اداڪاره جنيفر لارينس نيٽ فلڪس جي فلم”ڊونٽ لڪ اپ“ جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي پئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب حادثو ڏکڻ اوڀر ميساچوسٽس ۾ صبح جي وقت شوٽنگ دوران پيش آيو.
انٽرپرائيز بلڊنگ جا شيشو شوٽنگ دوران ڄاڻي واڻي ڀڳو ويو هو جيڪو جنيفر لارينس جي اک ويجهو اچي لڳو.
رپورٽ موجب جيئن حادثو ٿيو ته اداڪاره جنيفر زمين تي اچي ڪري جنهن کانپوءِ ڪريوممبرزا ۽ ڪواسٽار جلد سندس مدد ڪئي.
ميڊيا رپورٽس موجب جنيفر لارينس خيريت سان آهي ۽ ڪجهه ڏينهن جي آرام کانپوءِ وري شوٽنگ ۾ حصو وٺڻ جو امڪان آهي.
فلم ۾ اداڪار ليونارڊو دي ڪيپريو،ٽيموٿي ڇلاميٽ، ڪرنس ايوانس، ڪيٽ بلينچمينٽ ۽ ميريل اسٽريپ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔