جاپان اسي منٽن ۾ ڪورونا ٽيسٽ ڪندڙ روبوٽ تيار ڪري ورتا

ٽوڪيو: جاپان جي ڪمپني ڪاوا ساڪي اهڙا روبورٽ تيار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جيڪي مريض جي نڪ مان نمونا وٺي سگهن ٿا ۽ صرف 80 منٽن ۾ نتيجو به ٻڌائي سگهن ٿا.آمريڪي خابرو اداري موجب جاپان ۾ اولمپڪ گيمز جي تيارين جي سلسلي ۾ ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن جنهن جي تحت اسٽيڊيم ۾ ايندڙ تماشائين جي ڪورونا ٽيست ڪرائڻ جي لاءِ هڪ روبوٽ تيار ڪيو ويو آهي. هي روبوٽ جاپاني ڪمپني ڪاواساڪي تيار ڪيا آهن جڏهن ته جاپان جي صحت واري وزير ان روبوٽس جو معائنو ڪيو ۽ ماهرن کان تفصيل حاصل ڪيا.روبوٽ مصنوعي ٻانهن جي ذريعي مريض جي نڪ ۽ ڪاڪڙي مان نمونا وٺي سگهي ٿو ۽ صرف 80 منٽن جي اندر نتيجو به ڏئي ڇڏيندو. هي سسٽم 16 ڪلاڪن ۾ 2 هزار نمونن جي پراسيسنگ ڪري سگهي ٿو. هي سسٽم ٻن حدن تي ٻڌل آهي. هڪ مصنوعي ٻانهن آهي جيڪو ٽيسٽ جي لاءِ نمونا وٺندو آهي ۽ ٻئي ليب ٽيڪنيڪ مشين آهي جنهن ۾ ٽيسٽ رپورٽ ڏني ويندي.جاپاني صحت واري وزير جو چوڻ آهي ته اولمپڪ گيمز جي دوران وڌ کان وڌ ڪورونا ٽيسٽ ڪرڻ چاهيون ٿا جنهن جي لاءِ هن روبوٽ جي ايجاد وڏي ڪاميابي آهي. واضح رهي ته جاپان ۾ هن وقت روزاني صرف پنجاهه هزار ٽيسٽ ٿي رهيا آهن جيڪي تمام گهٽ آهن ۽ حڪومت کي تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔