جوبائيڊن ايران مٿان لڳايل پابنديون ختم ڪرڻ لاءِ شرط رکي ڇڏي

واشنگٽن آمريڪي صدر جوبائيڊن ايران مٿان لڳايل پابنديون ختم ڪرڻ جي لاءِ مشروط رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.جوبائيڊن چيو آهي ته ايران کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ تائين پابنديون نه هٽائينداسين. ايران يورينيم ٺاهڻ واري عمل کي روڪي ڇڏيو ته پابنديون ختم ڪري ڇڏينداسين.آمريڪي صدر جي بيان تي ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنائي چيو آهي ته ايٽمي معاهدي جي پاسداري تي ايران جي واپسي، آمريڪي پابندين جي خاتمي سان ئي ممڪن ٿيندي.واضح رهي ته ايران آمريڪي پابندين تي عالمي انصاف واري عدالت سان به رابطو ڪري رکيو آهي ۽ انصاف واري عالمي عدالت آمريڪي پابندين جي خلاف ايران جي درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔