پي ڊي ايم پاران اڄ حيدرآباد ۾ سياسي پاورشو ٿيندو، جلسي جون تياريون مڪمل

حيدرآباد : حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ اڄ حيدرآباد ۾ سياسي پاورشو ڪري رهيو آهي، هٽڙِي باءِ پاس تي جلسي جون تياريون مڪمل، پي ڊي ايم قيادت لاءِ 3 ڌار ڌار اسٽيج تيار ڪيا ويا، بلاول ڀٽو ۽ فضل الرحمان خطاب ڪندا، مريم نواز حادثي ۾ ڌيءُ جَي زخمي ٿيڻ سبب جلسي ۾ شرڪت نه ڪندي، سڪيورٽي لاءِ 4 هزار کان وڌيڪ پوليس نفري مقرر هوندي، مختلف ضلعن جا 10 ايس ايس پيز سڪيورٽي جِي نگراني ڪندا، حيدرآباد ۾ اڄ پي ڊي ايم جَي جلسي دوران آٽوڀان روڊ جَي دڪاندارن کي ڪاروبار بند رکڻ لاءِ نوٽيس جاري، حسين آباد پوليس نوٽيس ۾ چيو آهي ته  منجهند هڪ وڳي کان رات ڏهين وڳي تائين ڪاروبار بند رکيو وڃي، اهڙَي نوٽيس تي تنقيد بعد ايس ايس پي حيدرآباد جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اَي ايس پي ڪينٽ کي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جِي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔