آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي ”بحرين آرڊر“ سان نوازيو ويو

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي بحرين جي ايوارڊ ”بحرين آرڊر “سان نوازيو ويو آهي .

پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه بحرين جو دورو ڪيو جتي بحرين جي ولي عهد ڊپٽي سپريم ڪمانڊر ۽ وزيراعظم شهزاده سلمان بن حماد سان ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف فيلڊ مارشل شيخ خليفا بن احمد الخليفا ۽ بحرين جي هٿياربند فوج جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ الخليفا سان به ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻه طرفا سڪيورٽي ۽ دفاعي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي .

آءِ ايس پي آر موجب بحرين جي قيادت پاڪستان سان خاص لاڳاپا مزيد بهتر بڻائڻ جي عزم کي ورجايو.

آءِ ايس پي آر موجب بحرين جي ولي عهد شهزاده سلمان بن حماد آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي بحرين جي ايوارڊ ” بحرين آرڊر “ سان نوازيو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي بحرين جو اهو ايوارڊ پاڪ بحرين دفاعي سهڪار ۾ نمايان خدمتن تي ڏنو ويو .

عام تعلقاتن واري شعبي موجب دوري دوران آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڪ بحرين فوجي مشق البدر جو به مشاهدو ڪيو ۽ پاڪ بحرين مشقن ۾ تربيت جي معيار کي به ساراهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔