سينٽ اليڪشن بابت صدارتي ريفرنس بد ديانتي تي ٻڌل آهي: رضا رباني

اسلام آباد: سينٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني جو چوڻ آهي ته سينيٽ اليڪشن بابت داخل صدارتي ريفرنس بد ديانتي تي ٻڌل آهي.

هڪ بيان ۾ رضا رباني جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت ريفرنس ذريعي آئين ۽ پارليامينٽ کي غيرلاڳاپيل ظاهر ڪرڻ چاهي ٿي.

هن چيو ته وفاقي حڪومت آئيني ترميمي بل لاءِ پارليامينٽ ۾ ٻه ڏهائي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي، حڪومت هاڻ يوٽرن وٺي رهي آهي ته سينيٽ اليڪشن آئين تحت نه ٿيون ٿين تنهن ڪري ترميم موجود ناهي.

اڳوڻي سينيٽ چيئرمين جو وڌيڪ چوڻ هو ته صدر مملڪت جيئن ججز خلاف ريفرنس داخل ڪيو هو، اهڙيءَ طرح پنهنجي سياسي ايجنڊا جي تڪميل ڪاڻ سپريم ڪورٽ کي گمراهه ڪري رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔