سنڌ جي جيلن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪورونا متاثر قيدي هجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد : وفاقي محتسب جيلن ۾ قيدياڻين جي حالت خراب هجڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس تي اٺين اڳڀرائي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، سنڌ جي جيلن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪورونا متاثر قيدي هجڻ جو اعتراف، 291 قيدين کي ڪورونا هجڻ جي تصديق، ڪي پي ۾ 126، بلوچستان ۾ 80 ۽ پنجاب جي جيلن ۾ رڳو 3 قيدي ڪورونا متاثر هجڻ جي تصديق، بلوچستان کانسواءِ ٻين ٽنهي صوبن جي جيلن ۾ گنجائش کان وڌيڪ قيدي هجڻ جو انڪشاف، سڀ کان وڌيڪ عورتون پنجاب جي جيلن ۾ قيد هجڻ جو به اعتراف، وفاقي محتسب طرفان جيلن ۾ عورتن، ٻارن ۽ نشي جي عادي قيدين لاءِ الڳ الڳ جاءِ رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔