آمريڪا ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاران صدر ٽرمپ کي فوري طور تي عهدي تان هٽائڻ جو مطالبو

واشنگٽن: آمريڪا جي سينيٽ ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻ نائب صدر مائيڪ پينس کان آئين جي 25 هين ترميم کي استعمال ڪري صدر ٽرمپ کي فوري طور تي عهدي تان هٽائڻ جو  مطالبو ڪيو آهي. سينيٽر چڪ شومر جو چوڻ آهي ته نائب صدر مائيڪ پينس صدر ٽرمپ کي هٽائڻ لاءِ آئين جي 25 هين ترميم کي استعمال نه ڪيو ته پوءِ ڪانگريس صدر جو مواخذو ڪندي. هن چيو ته ڪالهه جيڪو ڪجهه ڪيپيٽل هل ۾ ٿيو آهي اهو آمريڪا جي آئين کان بغاوت آهي. اهو سڀ ڪجهه صدر ٽرمپ ڪرايو آهي، هن صدر وڌيڪ هڪ ڏينهن به آفيس ۾ نه رهڻ گهرجي، جيڪڏهن نائب صدر ۽ ڪابينا اٿي بيهڻ کان انڪار ڪيو ته ڪانگريس صدر جو مواخذو ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔