ڪورونا جي پکيڙ ۾ واڌ: اٽلي ۾ ڪرسمس ۽ نئين سال جي موقعي تي لاڪ ڊائون جو اعلان

روم: ڪورونا وائرس جي خطرناڪ حد تائين پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ اٽلي ڪرسمس ۽ نئين سال جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اٽلي ۾ ڪرسمس ۽ نئين سال جي موڪلن دوران سڄي ملڪ ۾ سخت لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهو فيصلو هنن ڏينهن دوران ٿيندڙ ميڙن سبب ڪورونا جي امڪاني پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي. لاڪ ڊائون جي دوران سڄي ملڪ کي ريڊ زون قرار ڏيندي ان حوالي سان پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن.سموريون غير ضروري دڪانون، شاپنگ مال ۽ اجتماعن تي به پابندي هوندي. ان کان علاوه نوڪري، ايمرجنسي يا بيماري جي صورت ۾ ئي گهر مان نڪرڻ جي اجازت هوندي. جڏهن ته گهرن ۾ به پارٽي منعقد ڪرڻ تي پابندي هوندي.اٽلي جي وزيراعظم ڪرسمس تي لاڪ ڊائون جي قدم کي مشڪل ترين فيصلو قرار ڏيندي چيو آهي ته طبي ماهرن ڪرسمس اجتماعن سبب ڪورونا جي پکيڙ ۾ تمام گهڻي واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. اٽلي جي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هن مهيني جي آخر تائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ويڪسين جي شروعات ٿي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔